شورى سورة

شورى (سورة): شورى لفظ جي معنى راءِ، مشورو يا صلاح وغيره آهي. هيءَ قرآن مجيد جي مڪي سورت آهي، حضرت ابن عباس کان روايت آهي ته هن سورت جون پنج آيتون مديني ۾ نازل ٿيون، هن سورت ۾ 53 رڪوع، 860 آيتون ۽ 3588 حرف آهن. هن سورت جي شروعات ۾ آنحضرت صلي الله عليه وسلم جي نبوت ۽ ٻين نبين جو ذڪر آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سڀني نبين جي بنيادي تعليم هڪ ئي هئي. ان کان پوءِ قيامت جو ذڪر آهي ته مشرڪن کي قيامت جي جلدي آهي، پر اهلِ ايمان ان جي برپا ٿيڻ کان ڊڄن ٿا، ڇاڪاڻ ته مشرڪ دنيا کي ئي سڀ ڪجھه سمجھن ٿا ۽ آخرت تي انهن جو ڪو به ايمان نه آهي، پر اهلِ ايمان قيامت تي يقين جي ڪري ڊڄن ٿا. پوءِ رزق جي ورهاست کي خدا جي پسند ٻڌايو ويو آهي. ان کانپوءِ نيڪي ۽ بديءَ جي سزا ۽ جزا جو ذڪر آيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو